مبارڪ عاطف لغاري

مبارڪ عاطف لغاري

مبارڪ عاطف لغاري

مُبارڪ ‘عاطف’ لغاري: مشھور سگهڙ شاعر مُبارڪ ‘عاطف’ لغاري ولد ٻُڍي خان لغاري جو جنم 7 مئي 1958ع تي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ بجر خان لغاريءَ ۾ ٿيو .ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۽ ٽنڊي محمد خان مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1994ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. 1982ع کان شاعري جي شروعات ڪئي. غزل، چوسٽو، نظم، وائي، ڪافي، دوهو، سورٺو، مخمس ۽ مسدس جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. شاعر، سُگهڙ ۽ لطيف جي پارکو جي حيثيت ۾، شاهه لطيف تي تحقيق ڪندڙ ڪيترائي محقق معلومات لاءِ وٽس ايندا رهيا. لطيفيات، تاريخ ۽ شاعري سندس پسنديده موضوع هئا. رفيق آس لغاري سندس ادبي استاد رهيو. جنھن کان هُن ادب جي مختلف صنفن جي سِکيا ورتي. 27 آڪٽوبر 2016ع/25 محرم الحرام 1438 هجري تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.05.07  عيسوي

مشھور سگهڙ شاعر مُبارڪ ‘عاطف’ لغاري ولد ٻُڍي خان لغاري جو جنم 7 مئي 1958ع تي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ بجر خان لغاريءَ ۾ ٿيو.


2016.10.27  عيسوي

مبارڪ عاطف لغاريءَ 27 آڪٽوبر 2016ع/25 محرم الحرام 1438 هجري تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خير محمد خاصخيلي
مبارڪ عاطف لغاري
الله ڏنو ٻانهاڻي
فيضو کماڻ
تاج محمد هاليپوٽو
الهه بخش ملڪاڻي
مجنون فقير ٻرڙو
ٽالپر شيخ
محمد عمر چنو
حاجي احمد خان مري
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون